ام ابي هريره رضه

ام ابي هريره رضه: مشهور اصحابياڻي، اميمھ بنت صعيح بن حارث، حضرت ابو هريره رضي الله عنھ جي والده سڳوري. جنهن لاءِ نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن مسلمان ٿيڻ جي دُعا گهري هئي. هڪ ڏينهن هن پنهنجي پٽ ابو هريره سان ڪاوڙجي نبي پاڪ صلي الله عليھ وسلم جن بابت گُٿا لفظ ڳالهايا. ان تي ابو هريره کي تمام گهڻو صدمو پهتو ۽ پاڻ ڪريمنصه جي خدمت ۾ روئي عرض ڪيائين ته منهنجي ماءُ جي حق ۾ دُعا گهرو ته جيئن مسلمان ٿئي. حضور پاڪ صه جن دعا گهري. تان جو الله تعاليٰ دعا قبول فرمائي ۽ اُم ابي هريره سچي مسلمان ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو